رشڀ پنت جي حياتي بچائيندڙ همراهه محبوبه سان گڏ زهر پي ڇڏيو

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر رشڀ پنت جي حياتي بچائيندڙ شهري رجت ڪمار ۽ سندس محبوبه زهر پي ڇڏيو.
اتر پرديش جي ضلعي مظفر نگر ۾ 2022ع ۾ رشڀ پنت جي جان بچائيندڙ 25 ورهين جي رجت ڪمار ۽ سندس 21 ورهين جي گرل فرينڊ منو ڪيشپ زهر کائي ڇڏيو، جنهن سبب منو فوت ٿي وئي، جڏهن ته رجت ڪمار جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
ڀارت ميڊيا رپورٽس موجب، 9 فيبروري تي پيش آيل واقعي جو ڪارڻ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي جي خاندانن سندن رشتو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.
رپورٽ موجب، سندن شاديون ڪنهن ٻئي هنڌ طئي ڪيون ويون هيون ۽ ذات پات جي فرق سبب کين شادي ڪرڻ کان روڪيو ويو، جنهن سبب ٻنهي مبينا طور تي انتهائي قدم کنيو.
منو ڪيشپ جي ماءُ جو الزام آهي ته رجت ڪمار سندس ڌيءَ کي اغوا ڪيو ۽ زهر ڏئي قتل ڪيو، جڏهن ته پوليس معاملي تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته رجت ڪمار جو نالو دسمبر 2022ع ۾ان وقت سرخين ۾ آيو، جڏهن هن نيشو ڪمار سان گڏجي مشھور ڪرڪيٽر رشڀ پنت جي جان بچائي هئي.
ياد رهي ته رشڀ پنت دهلي کان اتراکند وڃي رهيو هو ته رستي ۾ سندس مرسڊيز گاڏي کي حادثي جو شڪار ٿي وئي هئي.
رجت ۽ نيشو ڪمار جي جرئت سبب رشڀ پنت کي بروقت گاڏي مان ٻاهر ڪڍي اسپتال پهچايو ويو، جتي هو علاج هيٺ رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.