اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته کيس ڪنهن جو به ڪو خط نه مليو، جيڪڏهن ڪو خط مليو ته اهو وزيراعظم ڏانهن اماڻي ڇڏيندس.
وزيراعظم هائوس ۾ ترڪ صدر جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي دوران صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۾ ترقي ٿي رهي آهي، ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ اڳتي وڌندو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ٽيون خط لکڻ جي خبر سامهون آئي هئي.
عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري موجب، خط ۾ چونڊن بابت خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو.
ان کان اڳ به عمران خان پاران آرمي چيف کي پاليسين جي تبديلي بابت خط لکيا ويا هئا.
ان ڏس سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ هو ته آرمي چيف کي اهڙو ڪو به خط نه مليو ۽ اهڙي ڪنهن به خط کي پڙهڻ ۾ ڪا دلچسپي ناهي.
You might also like