اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.
اسلام آباد ۾ مختلف معاهدن ۽ يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب دوران خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان اسان جو ٻيو گهر آهي، قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال اسان جا به هيرو آهن.
ترڪ صدر ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ 24 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي اتفاق ٿيو آهي.
هن چيو ته صدر آصف علي زرداري سان ملاقات دوران واپاري معاملن تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته ترڪيه پنهنجي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پنج ارب ڊالرز جي تجارتي معاهدي تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ٿيو.
رجب طيب اردگان وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو ترڪيه جي زلزلي سبب متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ آيو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي ويجهن لاڳاپن جو ثبوت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه جي معارف فائونڊيشن جا اسڪول پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، جڏهن ته قبرص واري معاملي تي پاڪستان جي حمايت اسان لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي.
اردگان جو چوڻ هو ته دنيا جي هر فورم تي پاڪستان سان گڏجي فلسطين لاءِ آواز بلند ڪيو، فلسطيني عوام جي مدد اسان جو اخلاقي فرض آهي ۽ آزاد فلسطيني رياست جي قيام لاءِ گڏجي ڪوششون جاري رکنداسين.
You might also like