ايشيا ڪپ: يو اَي اِي عمان کي هارائي پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي ستين ميچ ۾ گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) عمان کي 42 رنسن تان شڪست ڏئي پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي.
عمان 173 رنسن جي هدف جي پٺيان ڊوڙندي 19 هين اوور ۾ 130 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
گروپ اي جي ان مقابلي ۾ عمان جي ڪپتان جتندر سنگهه ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
يو اي اي جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ ڪپتان محمد وسيم ۽ علي شان شرفو جي شاندار ففٽين جي مدد سان 5 وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنس ٺاهيون.
اوپننگ جوڙي پهرين وڪيٽ تي 88 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، علي شان شرفو 51 رنسن جي اننگز کيڏڻ بعد آئوٽ ٿيو، جنهن ۾ 7 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو.
ڪپتان محمد وسيم 54 بالن تي 69 رنس ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، جنهن دوران هن 6 چوڪا ۽ 3 ڇڪا هنيا، محمد زوهيب 21 ۽ هرشيت ڪوشڪ 19 رنسن سان ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو.
عمان طرفان جتن ٻه وڪيٽون ورتيون.
واضح رهي ته گروپ اي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت اڳ ئي ٻه ٻه ميچ کيڏي چڪا آهن، هن مقابلي کانپوءِ گروپ جون هڙئي ٽيمون ٻه ٻه ميچون کيڏي ورتيون آهن.
عمان پنهنجي آخري ميچ ڀارت خلاف کيڏندو، جڏهن ته يو اي اي جو آخري مقابلو پاڪستان سان ٿيندو.
ڀارت ٻئي ميچون کٽي سُپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ يو اي اي ۽ پاڪستان ٻنهي کي اِها ميچ لازمي طور کٽڻي پوندي، يعني هاڻي اِهو مقابلو ناڪ آئوٽ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.