ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي بم حملي ۾ هڪ آفيسر ۽ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ذريعن موجب واقعو سومر جي صبح ڪيچ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر تربت کان تقريب 120 ڪلو ميٽر پري دشت کڊان ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن ايف سي جون 3 گاڏيون هڪ ڪچي رستي تان گذري رهيون هيون.
ان دوران روڊ ڪناري رکيل بارودي مواد جي ڌماڪي ۾ هڪ گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي ۽ ان ۾ سوار ڪيپٽن وقار احمد ڪاڪڙ ۽ 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ڪيپٽن وقار ڪاڪڙ جو واسطو بلوچستان جي ضلعي لورالائي سان هو ۽ هو پاڪستاني فوج جي 47 ڪيولري آرمڊ ڪور ۽ 142 لانگ ڪورس سان تعلق رکندو هو ۽ هن وقت فرنٽيئر ڪور بلوچستان ڏکڻ دشت اسڪائوٽس جي 125 ونگ ۾ مقرر هو.
ٻين اهلڪارن ۾ ايف سي ڏکڻ 142 اسپيشل آپريشن ونگ جو نائڪ جنيد، نائڪ عصمت، لانس نائڪ خان محمد ۽ سپاهي ظهور احمد شامل آهن.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ايڪس تي لکيو ته بلوچستان جو هڪ ٻيو بهادر پٽ ڪيپٽن وقار ڪاڪڙ پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي پياري پاڪستان جو دفاع ڪندي شهيد ٿي ويو، سندس قرباني جرئت ۽ غيرت جو روشن باب رهندي، بلوچستان ۽ پاڪستان توهان کي ڪڏهن نه وساريندو.
You might also like