سياست پوءِ ملڪي هجي يا عالمي سطح جي ان ۾ نفرت جو جيڪو عنصر تيزي سان وڌي رهيو آهي تنهن کي روڪڻ جو نه سو چيو ويو ته اهو ته دنيا کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. عام سياسي ڪارڪن ته پنهنجي پارٽي مفادن تحت جذباتي ٿي سگهن ٿا پر اڳواڻ به جذباتي ۽ نفرت انگيز سياست ڪن ۽ مارڻ مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ته پوءِ عام ماڻهن ۽ عام سياسي ڪارڪنن تي ڪهڙي ميار!. مثال طور آمريڪا کي دنيا جو سپر پاور ملڪ سمجهيو ويندو آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اهو پنهنجي طاقت جو ناجائز فائدو وٺندو، سامراجيت پکيڙيندو، دنيا جي ملڪن ۽ انهن جي وسيلن توڙي آئيني قانوني ۽ تاريخي حقن تي قابض ٿيندو رهي ۽ نفرت توڙي جنگين جي سياست ڪندو رهي. ان جو تازو مثال اسرائيل ۽ فلسطين جي 2023 کان شروع ٿيل جنگ آهي جيڪا گذريل سال ٻارنهن ئي مهينا هلي وري جڏهن هن سال نومبر ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻيهر اقتدار جو موقعو مليو ته هن چونڊ کٽڻ کانپوءِ جيڪو پهريون خطاب ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته هو نه رڳو دنيا اندر هلندڙ جنگيون ختم ڪندو پر اڳتي به جنگيون ڪرڻ نه ڏيندو ته ان خطاب جي سڄي دنيا ۾ آجيان ڪئي وئي هئي ۽ وري جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي حلف کڻڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي اسرائيل ۽ غزا وچ ۾ جنگ بندي ڪرائي ته سڄي دنيا سُک جو ساهه کنيو ته نيٺ جنگ بند ٿي وئي پر وري ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ساڳئي ڊونلڊ ٽرمپ هڪ اهڙو بيان ڏنو جنهن وري سڄي دنيا کي باهه ڪري ڇڏيو جڏهن هن اهو چيو ته غزا جي رهواسين کي ڪنهن ٻي جڳهه تي شهر اڏي ڏبو ۽ ان ڏس ۾ هن سعودي عرب کي صلاح ڏني ته غزا لاءِ اهو به ڪا زمين ڏئي سگهي ٿو. يعني غزا تي اسرائيل جو حق مسلط ڪيو آهي. جيڪو ظاهر آهي ته مسلمان ملڪن لاءِ ناقابل برداشت ۽ ڳڻتي جوڳو آهي. اسان آمريڪا جي صدر جي ان بيان کي انتهائي غير زميوار بيان سمجهون ٿا جيڪو اسرائيل ۽ فلسطين جي تازي جنگ جي وسايل ٽانڊن تي تيل هاري باهه ٻارڻ ۽ ٻرنديءَ تي تيل هارڻ سمجهون ٿا. اهو ڪو مذاق ناهي ته ڪنهن کان زمين کسي ڇڏجي ۽ ڪنهن رد عمل جي توقع نه ڪجي. اهڙو بيان جيڪو دنيا کي ساڙي رک ڪري ڇڏي سو ايئن طاقت جي نشي ۾ ئي ڏئي سگهجي ٿو. اهو پاڳل پڻو به آهي ۽ جيڪڏهن پاڳلن کي ايئن ملڪن جو اقتدار ملڻ لڳو ته اهي دنيا کي ساڙي رک ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا.
ايئن وري مُلڪي سطح تي ڏسجي ته اقتداري ۽ پارلياماني سياست ۾ حڪمران ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ پڻ غير زميواراڻي سياست ڪري نفرت ڦهلائي ملڪ کي ساڙي رک ڪرڻ کان نٿا مُڙن. هڪڙين خسيس ۽ پارٽي مفادن کي اوليت ڏيندي ملڪ ۽ عوام جي عظيم مفاد کي نه رڳو لتاڙي رهيا آهن پر غير زميوار سياست ڪري عوام کي سياست ۽ جمهوريت کان بيزار ڪري رهيا آهن. آخر برداشت به ڪا شئي هوندي آهي، احساس زميواري ۽ سنجيدگي به ڪا شئي هوندي آهي پر افسوس ته وڌن عهدن تي رهندڙ زميوار فرد به جيڪڏهن نزاڪتن کي نه سمجهندا ۽ ڳالهائڻ يا بيان ڏيڻ کان اڳ ان جي امڪاني رد عمل جو نه سوچيندا ته پوءِ ڪجهه به ٿي سگهندو آهي. حققت ته اها آهي ته اڄ عام ماڻهو حڪمرانن ۽ ساستدانن جي فضول ۽ کل جوڳن بيانن کي لطيفو بڻائي هڪٻئي کي ٻڌائي رهيا آحن. پر لطيفن جي حد تائين ته اهي بيان هلي سگهن ٿا پر جيڪڏهن اهي نفرت جا گولا ۽ بم بڻيا ته ظاهر آهي ته اهي تباهه ۽ برباد ئي ڪندا.
پر افسوس ته ان جو احساس حڪمرانن ۽ پارلياماني سياستدانن کي بلڪل به ناهي. انهن کي سوشل ميڊيا تي عام ماڻهن جي غير زميوار پوسٽن، ٽڪ ٽاڪ وغيره تي ته نظر آحي پر پنهنجن نفت پکيڙيندڙ، ٻرنديءَ تي تيل هارڻ وارا بيان نظر ناهن ايندا. اسان جو اشارو موجوده حڪمرانن، پارلياماني اپوزيشن ليڊرن، مسلم ليگ (ن)، پي ٽي آءِ، پ پ، ايم ڪيو ايم وغيره ڏانهن آهي. جن جي غير ضروري ۽ غير زميوار بيانن ۽ سياسي رساڪشي ڪري ملڪي سياست ۾ نفرت جو عنصر وڌي ويو آهي ۽ خدشو هوندو آهي ته اها نفرت سڀني جماعتن جي سياسي ڪارڪنن ۽ سڄي ملڪ کي نه ساڙي رک ڪري ڇڏي. ٻيو ته حڪمرانن کي اهو به سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ يا ايم ڪيو ايم جو حڪومتي دور خراب هو ته اهو ته گذري ويو نه، هاڻي اوهان جي حڪومت ۽ اوهان جو دور آهي ته بجاءِ ان جي ته انهن جي دورن تي ڳالهائي پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪيو. پنهنجي حڪومت تي ڌيان ڏيو. خاص ڪري پ پ کي ايم ڪيو ايم کي ڪاوڙائڻ جي ڪا ضرورت ناهي ته انهن جو ڪم پريس ڪانفرنس ڪرڻ آهي ۽ ميدان تي پ پ هوندي آهي. هاڻي اهو به ڪو بيان آهي؟. ظاهر آهي ته حڪومت اوهان جي آهي ۽ اوهان کي ئي ميدان تي هئڻ گهرجي. اوهان جي ان بيان جو پهريون ردعمل اهو نڪتو جو ايم ڪيو ايم سان سلهاڙيل سنڌ جي گونر ڪامران ٽيسوري اوهان جي حڪومت کي چيلينج ڪيو ته اوهان کان ڪراچي جو ٽريفڪ نظام ئي نه ٿو سنڀلجي سو هڪ هفتي لاءِ ڪراچي جي ٽريفڪ انتظاميا منهنجي حوالي ڪيو ته مان توهان کي اهو نظام سڌاري ڏيکاريان. پ پ جي اڳواڻن جي غير زميواري بيانن جو ٻيو رد عمل اهو نڪتو جو ايم ڪيو ايم جي هڪ اڳواڻ چيو ته في الحال اسان رستن تي نڪرڻ نٿا چاهيون پر جلد نڪري اينداسين.
سو اهي آهن غير ضروري بيانن جا غير ضروري رد عمل ۽ غير ضروري جواب جنهن سان خود ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن ۾ به نفرت پيدا ٿئي ٿي جيڪا پوءِ مرڻ ۽ مارڻ تائين لهي اچي ٿي. حڪمرانن ۽ پارلياماني سياستدانن ۽ وڏن ملڪي سربراهن کي پنهنجن غير ضروري ۽ غير سنجيده بيانن کان ان احساس وچان پاسو ڪرڻ گهرجي ته ڪٿي اهي بيان ملڪ اندر نفرت جي باهه بڻجي سڀ ڪجهه ساڙي رک ته نه ڪري ڇڏيندا، ملڪن ۾ تڪرار ۽ جنگين جو ته ڪارڻ نه بڻجندا. اهڙي احساس زميواري جي سخت ضرورت آهي اهڙي اصلاح جي رڳو سوشل ميڊيا وارن کي نه پر خود ملڪن جي حڪمرانن ۽ اپوزيشن ليڊرن کي به آهي.