ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي لاءِ قذافي اسٽيڊيم لاهور کانپوءِ قومي اسٽيڊيم ڪراچي جو به افتتاح ڪيو ويو.
افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان وڏو وزير مراد علي شاهه سميت گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ سنڌ جو راندين واري وزير سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.
افتتاحي تقريب دوران رانديگرن ۽ آفيشلز لاءِ جديد ڊريسنگ روم، هاسپيٽيلٽي باڪسز تيار ڪيا ويا، جڏهن ته نشريات جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ 350 ايل اي ڊي لائٽون لڳايون ويون، اسٽيڊيم ۾ 2 ڊجيٽل ري پلي اسڪرينز ۽ 5 هزار کان وڌيڪ نيون ڪرسيون به لڳايون ويون.
افتتاح دوران آتش بازي جو شاندار مظاهرو به ڪيو ويو.
وڏي وزير مراد علي شاهه اسٽيڊيم جو افتتاح ڪندي چيئرمين پي سي بي محسن نقوي کي مختصر عرصي ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.
هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ راندين لاءِ سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، 2018 ۾ به سنڌ حڪومت قومي اسٽيڊيم کي اپگريڊ ڪيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته قومي اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پي ايس ايل لاءِ مڪمل سهولتون ڏنيون ويون هيون، ڪراچي وارا ڪرڪيٽ سان محبت ڪن ٿا، ان ڪري حڪومت کين ڀرپور سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.
ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي شروعات 19 فبيروري تي ڪراچي ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ جي مقابلي سان ٿيندي، ڀارت جي پاڪستان اچڻ کان انڪار سبب پاڪستان ۽ ڀارت ميچ سيمت ڀارت جون سڀ ميچون دبئي ۾ شيڊيول آهن.
You might also like