” ڪراچي ۾ ڪِري تباهه ٿيل جهاز ۾ منهنجي به ٽڪيٽ ڪٽيل هئي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا نازش جهانگير انڪشاف ڪيو آهي ته 2020 ۾ ڪراچيءَ جي ماڊل ٽائون ڪالوني ۾ ڪِري تباهه ٿيل پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (پي آءِ اي) جي جهاز ۾ کيس به سفر ڪرڻو هو، پر هوءَ ڪجهه سببن ڪري اُڏام نه وٺي سگهي.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي نازش جهانگير ٻڌايو ته هوءَ به ڪراچي اچڻ لاءِ تيار هئي، پر فلائيٽ مس ٿي وئي.
هن چيو ته سندس پهريون فضائي سفر والدين سان گڏ سعودي عرب جو هو، جڏهن ته پنهنجي خرچ تي هوءَ ساهڙين سان گڏ مالديپ وئي.
نازش جهانگير ٻڌايو ته پهريون ڀيرو اسلام آباد کان ڪراچي اچڻ تي کيس شهر سٺو نه لڳو، پر هاڻي کيس ڪراچي وڻڻ لڳو آهي.
هن اهو به انڪشاف ڪيو ته هڪ ئي ڏينهن ۾ ڇهه فلائيٽون مس ٿي ويون، سڀني ۾ کيس اسلام آباد کان ڪراچي اچڻو هو، پر هر ڀيري وقت تي نه پهچي سگهي.
هن ياد ڪندي ٻڌايو ته ڪورونا لاڪ ڊائون کانپوءِ حادثي جو شڪار ٿيل اُڏام ۾ به سندس ٽڪيٽ هئي، پر قرنطينه سبب سفر نه ڪري سگهي، حادثي بابت ٻڌي هن شڪر ادا ڪيو ته هوءَ ان جهاز ۾ نه هئي.
ياد رهي ته مئي 2020 ۾ پي آءِ اي جو جهاز ڪراچي ۾ لينڊنگ دوران ڳتيل آبادي تي ڪري تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ عملي سميت اٽڪل 100 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا هئا، جڏهن ته ڪجهه علائقي واسي پڻ فوت ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.