ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر جي شڪي حرڪتن تي ٻن شاگردياڻين هلندڙ بس مان ٽپو ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ نائين جماعت جي ٻن شاگردياڻين هلندڙ بس مان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو رياست پڌيا پرديش جي شهر داموا ۾ پيش آيو، جتي بس ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر سميت وڌيڪ ٻن ماڻهن جي اڻوڻندڙ جملن ۽ شڪي حرڪتن تي ٻن شاگردياڻين هلندڙ بس مان ٽپو ڏنو.
پوليس ٻڌايو ته بس ۾ موجود چار ماڻهن فحش تبصرا ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن تي شاگردياڻين بس روڪڻ جو چيو پر ڊرائيور انڪار ڪيو، جڏهن ته بس ۾ ويٺل ماڻهو ٻنهي شاگردياڻين کي گهوريندا رهيا ۽ بس جو پويون دروازو به بند ڪري ڇڏيو، جنهن تي شاگردياڻين کي خطرو محسوس ٿيو، انهن پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هلندڙ بس مان ٽپو ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب ٽپو ڏيڻ جي ڪري شاگردياڻيون زخمي ٿي پيون، جن کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته شڪايت تي ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر سميت ٻين ٻن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.