اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا جي اميگريشن بابت وفاقي وزير مارڪ ملر چيو آهي ته ڪينيڊا کي آمريڪا جي 51 هين رياست بڻائڻ لاءِ انهن کي اسان جي لاشن تان گذرڻو پوندو.
هن چيو ته اسان هڪ خوددار ۽ خود مختيار قوم آهيون، اسان آمريڪا جي51 هين رياست ڪڏهن به نه بڻجنداسين.
مارڪ ملر ڪينيڊا جي شهر برامپٽن ۾ پاڪستان ڄائي ڪينيڊين پارليامينٽ ميمبر شفقت علي سان گڏ مقامي ميڊيا سان ڳالهايو.
مختلف سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪينيڊين ويزا آفيس ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته گهڻي ڀاڱي ڪم ”گلوبلي نيٽ ورڪ“ ذريعي ٿي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪينيڊين حڪومت هائوسنگ ۽ اقتصادي بحران کان بچڻ لاءِ اميگريشن جي حوالي سان سخت فيصلا ڪري رهي آهي.
مارڪ ملر جو چوڻ هو ته ڪينيڊا نئين اميگرنٽس ۽ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ کي خوش آمديد چوي ٿو پر ڪنهن کي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي ته سسٽم جو غلط استعمال ڪري.
اميگريشن وزير جو اهو به چوڻ هو ته جعلي دستاويزن تي ڪينيڊا ايندڙ شاگردن ۽ غير قانوني ڪارروائين ۾ ملوث ايجنٽس خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، غير قانوني اميگريٽس کي قانون جي عمل بعد ڊي پورٽ ڪيو ويندو.
You might also like