اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ”ب“ فارم بابت اهم وضاحت جاري ڪري ڇڏي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پوسٽ جاري ڪندي نادرا چيو ته اڳ کان ٺهيل ب فارم کي رد ناهي ڪيو ويو.
نادرا چيو آهي ته جن ٻارن جا ب فارم اڳ کان ٺهيل آهن ۽ انهن جو پاسپورٽ ٺهرائڻو آهي يا 10 سالن کان وڌيڪ ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جي جن ٻار جو ب فارم پهريون ڀيرو ٺهرائڻو آهي ته سندن والدين ٻارن سان گڏ ويجهي نادرا سينٽر وڃن، جڏهن ته والدين نادرا جي پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ذريعي به درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا.
نادرا موجب اڳ کان ٺهيل ب فارم رد ڪرڻ جي افواهن ۾ ڪا صداقت ناهي، وڌيڪ ڄاڻ ۽ اپ ڊيٽس لاءِ نادرا جي آفيشل سوشل پليٽ فارمز کي فالو ڪيو.
You might also like