ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي پر ڪراچي ۾ موسم جي قلابازين شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو.
فيبروري مهيني ۾ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم ٿڌي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ موسم جي هر هر تبديلي شهرين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي ۾ صبح سوير ۽ رات جي وقت موسم ٿڌي رهي ٿي، جڏهن ته ڏينهن جو اهڙي گرمي ٿئي ٿو جو شهري پکن جو استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.
ڪراچي ۾ اڄ صبح پارو 15 ڊگري تائين رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ کان وڌ گرمي پد 31 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
You might also like