سي ايس ايس 2024 جا نتيجا جاري ڪرڻ کان اڳ نوان امتحان روڪڻ جي درخواست رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) کي سي ايس ايس 2024 جي نتيجن بابت مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
جسٽس محسن اختر ڪياني فيصلي ۾ سي ايس ايس 2024 جا نتيجا جاري ڪرڻ کان اڳ نوان امتحان روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت اڄ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو ڪجهه ڪلاڪن جي وقفي کانپوءِ ٻڌايو ويو، جڏهن ته تفصيلي فيصلو پوءِ جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.