لائن آف ڪنٽرول ڀرسان ڌماڪو، ڪيپٽن سوڌو ٻه ڀارتي فوجي مارجي ويا

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مبينا آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ ٻه ڀارتي فوجي مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي فوجي لائن آف ڪنٽرول ڀرسان اکنور سيڪٽر ۾ مبينا آءِ اي ڊي ڌماڪي جي ور چڙهي ويا.
ڌماڪو منجهند ساڍي 3 وڳي پيش آيو، جتي ڀارتي فوجي گشت تي هئا، ڌماڪي کانپوءِ ٽنهي فوجين کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن فوجين دم ڏئي ڇڏيو.
ڀارتي فوج جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڌماڪي کانپوءِ فورسز موقعي تي پهچي لائن آف ڪنٽرول سان وڏي پيماني تي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.