ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جنرل (ر) نذير احمد بٽ چيو آهي ته ڪشمير جي زمين کان وڌيڪ ڪراچي جي زمينن جو مسئلو آهي، سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ جو ڪو سسٽم ناهي، تمام جلد وڏو ايڪشن وٺنداسين.
ڪراچي ۾ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊيولپرز آف پاڪستان (آباد) جي آفيس ۾ گفتگو ڪندي نيب چيئرمين چيو ته سنڌ جي زمينن ۾ وڏو دوکو هلي رهيو آهي، ڪراچي ۾ 7500 ايڪڙ زمينن جي دستاويزن ۾ جعلسازي ڪئي وئي آهي، جنهن جي ماليت تقريبن 3 کرب رپيا آهي، ڪراچي جي 7500 ايڪڙ زمين جا فائل کوليو ته ٿرٿلو مچي ويندو.
هن چيو ته ڪشمير جي زمين کان وڌيڪ ڪراچي جي زمينن جو مسئلو آهي، سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ جو ڪو سسٽم ناهي، لينڊ ڊپارٽمينٽ جا الڳ الڳ کاتا ڪنهن سان لنڪ ناهن، تمام جلد سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ جي حوالي سان وڏو ايڪشن وٺنداسين.
سندس چوڻ هو ته نيب ۾ گهڻي صفائي ٿي آهي، ڪرپشن تي گريڊ 19 ۽ 20 جي آفيسرن کي فارغ ڪيو، نيب ريڪوري سوا 6 کرب ٿي وئي آهي، سنڌ ۾ 18 لک ايڪڙ زمين آجي ڪرائي آهي، ايترو پيسو گڏ ڪندس جو ڪراچي کي دبئي جهڙو بڻائي سگهبو.
ڪشمير جي زمين کان وڌيڪ ڪراچي ۾ زمين جو مسئلو آهي، جلد وڏو ايڪشن وٺنداسين: نيب چيئرمين
You might also like