بابر اعظم ڪراچي واسين مان مايوس، شڪايت ڪري ڇڏيائين

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جي افتتاحي تقريب دوران اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ڪراچي جي عوام سان شڪايت ڪري ڇڏي.
اسٽيڊيم جي نئين سر اڏاوت کانپوءِ ڪوٺايل تقريب ۾ پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن پنهنجا خيال ظاهر ڪيا. بابر اعظم ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي وارن کان هڪ شڪايت آهي ته هو ميچ ڏسڻ ناهن ايندا، جيئن ماڻهو افتتاحي تقريب لاءِ وڏي انگ ۾ آيا آهن، تيئن ئي ميچن لاءِ به اچن.
شاهين شاهه آفريدي به تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته مهرباني ڪراچي، اوهان جي سپورٽ چيمپيئنز ٽرافي ۾ به گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.