عراقي صدر وزير اعظم تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق جي صدر ڪردستان جي خود مختيار علائقي ۾ سرڪاري ملازمن کي پگهارن جي عدم ادائيگي تي وزير اعظم محمد شيعه السوڊاني خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.
صدر عبداللطيف راشد گذريل مهيني السوڊاني ۽ ناڻي واري وزير طائف سميع خلاف ڪيس داخل ڪيو هو پر وفاقي صلاحڪار حواري توفيق ان جو اعلان هاڻ ڪيو آهي.
عراق جي عدالت ۾ جمع ڪرايل ڪيس ۾ بغداد ۽ علائقائي گادي واري هنڌ اربيل وچ ۾ هلندڙ مالي تڪرار باوجود ڪردستان ۾ پگهارن جي ادائيگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري حڪم جي درخواست ڪئي وئي آهي.
وفاقي صلاحڪار حواري توفيق چيو ته وزيراعظم خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪردستان جي ٻئي سڀ کان وڏي ۽ صدر جي اباڻي شهر سليمانيه ۾ پگهارن جي عدم ادائيگين خلاف ٿيندڙ احتجاج سبب ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته عراق جو پبلڪ سيڪٽر نااهلي ۽ بدعنوانين سان ڀريو پيو آهي، جڏهن ته تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم ۽ صدر مملڪت جي وچ ۾ڊگهي وقت کان اختلاف آهن.
جيتوڻيڪ عراق جي پبلڪ سيڪٽر جي ملازمن کي جنوري جون پگهارون مليون آهن، تنهن هوندي هو اڃا تائين پنهنجي ڊسمبر جي پگهار جو انتظار ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.