لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ڪابينا 30 اربن جي رمضان پيڪيج ۽ 6 هزار ڪانسٽيبلز جي ڀرتي سميت اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
پنجاب ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ”نگهبان رمضان“ پيڪيج لاءِ 30 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي، جنهن مان 3 ڪروڙ ماڻهو فائدو کڻندا.
مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ ايندڙ سال کان نگهبان رمضان پيڪيج جو اي ٽي ايم ڪارڊ متعارف ڪرايو ويندو، جنهن سان عوام کي قطارن ۾ نه بيهڻو پوندو ۽ گهر ويٺي 10 – 10 هزار رپيا ملندا.
اجلاس ۾ 5 هزار 960 ڪانسٽيبل ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ماس ٽرانزٽ سسٽم ۾ اسپيشل ماڻهن ۽ سينيئر سٽيزن لاءِ مفت سفر جي سهولت به منظور ڪئي وئي.
You might also like