ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي چوندا رهيا ته اسٽيڊيم نه ٺهندا، پر اڄ انهن هارايو ۽ اسان ڪامياب ٿياسين.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم جي نئين سر اڏاوت ۾ حصو وٺندڙ پورهيتن جي مان ۾ خاص تقريب ڪوٺائي وئي، جتي ورڪرن جو ريڊ ڪارپٽ استقبال ڪيو ويو.
پي سي بي چيئرمين طرفان 700 کان وڌيڪ پورهيتن لاءِ خاص طعام جو بندوبست ڪيو ويو، جڏهن ته محسن نقوي ڏينهن رات محنت ڪري اسٽيڊيم جي ڪم کي مڪمل ڪرڻ تي کين خراج تحسين پيش ڪيو.
محسن نقوي تقريب دوران سڀاڻي پورهيتن کي پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ ٿيندڙ ميچ ڏسڻ جي خاص دعوت ڏني .
تقريب کي خطاب ڪندي، پي سي بي چيئرمين چيو ته اڄ جي تقريب جا اصل مهمان اهي پورهيت آهن، مان سندن ٿورائتو آهيان، توهان سڀني مبارڪن جا حقدار آهيو، ڇو ته توهان ڏينهن رات محنت ڪري اسٽيڊيم جو ڪم مڪمل ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪجهه وڌيڪ ڪم باقي آهي، جيڪو چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ مڪمل ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي اسٽيڊيم جي بلڊنگ جو ڪم لاهور کان بهتر ٿيو آهي.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته ڪراچي اسٽيڊيم ۾ به ٽرينچ ٺاهيا ويندا ۽ اسٽيڊيم جو اينگل پڻ بهتر ڪيو ويندو.
پاڪستاني ٽيم بابت ڳالهائيندي، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ٽيم تي ڀروسو رکڻ گهرجي ۽ انهن جي مڪمل سپورٽ ڪرڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته رانديگر محنت ڪري رهيا آهن، هو سٺا نتيجا ڏيندا، مون کي رضوان، ٽيم ۽ سليڪشن تي مڪمل اعتماد آهي، هو ضرور ميدان ماريندا.
You might also like