آمريڪي قبضي تائين فلسطينين کي غزا ۾ واپس آباد ٿيڻ نه ڏينداسين: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا جي غزا ۾ ترقياتي ڪمن جي منصوبن تحت فلسطينين کي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي جو حق حاصل نه هوندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته سندس منصوبي تحت غزا کان ٻاهر فلسطينين جي لاءِ وڌ ۾ وڌ 6 هنڌ دستياب آهن.
هن چيو ته عزا تي آمريڪي قبضي جي منصوبي تحت فلسطينين کي واپسي جو ڪو حق نه هوندو ۽ ان دوران اتي ٿيندڙ ترقي ڏسڻ وٽان هوندي.
سندس چوڻ هو ته مان فلسطينين لاءِ هڪ مستقل جڳهه ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، ڇو جو هاڻي غزا واپس اچڻو آهي ته ڪيئي سال لڳي سگهن ٿا، في الحال اها جاءِ رهڻ جي قابل نه آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته غزا جي 20 لک کان وڌيڪ بي گهر فلسطينين لاءِ ”خوبصورت ۽ محفوظ ڪميونٽيز“ بڻائينداسين، اسان ان سلسلي ۾ محفوظ ڪميونٽيز بلاڪس ٺاهي سگهون ٿا، جنهن جو مالڪ مان هوندس، هي زمين جو هڪ خوبصورت ٽڪڙو هوندو.
ڊونلڊ ٽرمپ فلسطينين جي آبادڪاري جي حوالي سان چيو ته مصر ۽ اردن آمريڪا کان وڏي فوجي امداد وصول ڪندا آهن، مان انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ فلسطينين کي آباد ڪرڻ تي قائل ڪري سگهان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.