ٽن شادين ۾ ناڪامي، ڀارتي راڳي 66 ورهين جي عمر ۾ وري گهوٽ بڻجڻ جو خواهشمند

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور گلوڪار ۽ اداڪار مقصود محمود علي، جيڪو لڪي علي جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو، ٽن شادين جي ناڪامي کانپوءِ چوٿين شادي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
لڪي علي جيڪو مشهور ڀارتي ڪاميڊين مرحوم محمود جو پٽ آهي، ڪيترين ئي فلمن لاءِ گيت ڳائي چڪو آهي، جڏهن ته سندس ڪنسرٽس جون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿينديون رهنديون آهن.
هاڻي، دهلي ۾ هڪ فيسٽيول دوران، 66 ورهين جي عمر ۾ هن چوٿين شادي ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سندس خواب آهي ته هو وري شادي ڪري.
واضح رهي ته لڪي علي اڳ ۾ ٽي شاديون ڪري چڪو آهي، جيڪي ناڪام رهيون.
هن 1996ع ۾ ميگهن جين سان شادي ڪئي، جيڪا جلد طلاق تي ختم ٿي وئي. ان مان کيس ٻه ٻار، تاوز ۽ تسميه ٿيا. ٻي شادي 2000ع ۾ پارسي ناري اناهيتا سان ڪيائين، جنهن اسلام قبول ڪيو هو، ان مان به کيس ٻه ٻار، سارا ۽ ريان ٿيا، پر اِها شادي به جلد ختم ٿي وئي.
ان کانپوءِ، 2010ع ۾ ڪيٽ اليزبٿ سان ٽئين شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ آهي، پر هيءَ شادي به ستن سالن کانپوءِ ختم ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.