وڏي خطري کان بچڻ لاءِ ترت آءِ فون آپريٽنگ سسٽم اپ ڊيٽ ڪريو

جيڪڏهن توهان ايپل جا آءِ فون استعمال ڪندا آهيو ته ترت ان جو آپريٽنگ سسٽم اپ ڊيٽ ڪريو.
ايپل طرفان آءِ او ايس 18.3.1 اپ ڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته آءِ او ايس 18 يا ان کان پوءِ جا اپ ڊيٽ ورزن رڳو آءِ فون ايڪس يا ان کان پوءِ جي ماڊلز لاءِ دستياب آهن، 2017 يا ان کان اڳ جا آءِ فونز هن کي اپڊيٽ نٿا ڪري سگهن.
هن نئين اپڊيٽ کي فوري طور انسٽال ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته ان ذريعي آءِ فونز ۾ موجود هڪ گهڻي اهم سيڪيورٽي خامي کي درست ڪيو ويو آهي.
ايپل جي سپورٽ پيج موجب، هن سيڪيورٽي خامي سبب حملو ڪندڙ يو ايس بي ريسٽرڪٽڊ موڊ کي غيرفعال ڪري لاڪ ٿيل آءِ فون تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته هي خامي مخصوص ماڻهن کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي، ان ڪري اپڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته يو ايس بي ريسٽرڪٽڊ موڊ آءِ فون جو هڪ سيڪيورٽي فيچر آهي، جيڪو يو ايس بي ڊيوائيسز کي ڪنڪٽ ٿيڻ کان روڪيندو آهي جڏهن فون کي لاڪ ٿيل هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت ٿي ويو هجي.
اهڙي ريت واهپيدارن جي ڊيٽا محفوظ رهي ٿي ۽ ٻيا ماڻهو ڪنڪٽ ٿيل ڊيوائيسز ذريعي ان تائين رسائي حاصل نٿا ڪري سگهن.
پر هن سيڪيورٽي خامي سبب حملو ڪندڙن کي ڊيٽا تائين پهچ حاصل ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري ايپل جي صلاح آهي ته توهان پنهنجو آئي فون جلد کان جلد اپڊيٽ ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.