مداحن جي حرڪتن سونو نگم کي چيڙائي ڇڏيو، وڊيو وائرل

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ليجنڊري گلوڪار سونو نگم پنهنجي ڪنسرٽ دوران مداحن جي روَيَي تي ڪاوڙجي پيو ۽ گوڙ ڪندڙن کي شو ڇڏڻ جو چئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سونو نگم جي شو دوران هڪ اڻ وڻندڙ صورتحال پيش آئي، جنهن سبب هن کي پاڻ مداحن کي ڪنٽرول ڪرڻو پئجي ويو.
شو دوران ڪجهه ماڻهن جي مسلسل بيهڻ تي هن کين ويهڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته” جيڪڏهن توهان اُٿي بيهڻ جو ايڏو ئي شوق آهي ته چونڊن ۾ بيهو، پر هتي مهرباني ڪري هيٺ ويهو، وقت ضايع ٿي رهيو آهي، يا ويهو يا سيٽ خالي ڪريو.“
هي واقعو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو ۽ ان جي وڊيو به وائرل ٿي رهي آهي.
واهپيدارن طرفان مختلف تبصرا ڪيا ويا، ڪجهه ماڻهن سونو نگم جي حمايت ڪئي، جڏهن ته ڪجهه انتظاميا تي تنقيد ڪئي.
هڪ واهپيدار لکيو ته انتظاميا جي نااهلي سبب سونو نگم کي پاڻ معاملا سنڀالڻا پيا، جڏهن ته هڪ ٻئي واهپيدار موجب، هو ان واقعي جو اکين ڏٺو شاهد هو ۽ سونو نگم ڪاوڙيل نه هو پر مداحن کي نظم ضبط قائم رکڻ جو چئي رهيو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪولڪتا پوليس ان موقعي تي تماشائي بڻيل رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.