ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر). سنڌ جي ليکڪن ۽ دانشورن شاهه لطيف، سچل ۽ سامي کي سنڌ جي قديم ڪلاسيڪل تهذيب جي محبت، رواداريءَ، مزاحمت، بغاوت، عوامي فڪر جي علامت قرار ڏيندي سنڌ ۾ رهندڙ سمورين ٻولين جي شهرين کي ٽنهي باغي شاعرن جي شاعري جي مطالعي ڪرڻ لاءِ ثقافت کاتي کي مشورو ڏنو آهي ته شاه لطيف جي رسالي وانگر سچل سرمست ۽ ساميء جي شاعريءَ جو اردو ۽ انگريزي ترجمي وارا رسالا ڇپايا وڃن. هنن اها ڳالهه ڪالهه شام جو هڪ مقامي هوٽل ۾ آڪسفورڊ پريس طرفان ڪراچي ادبي ميلي جي ” شاهه لطيف، سچل، سامي” جي شاعريءَ تي منعقد ٿيل هڪ ويهڪ ۾ ڳالهائيندي ڪئي . ان موقعي تي ليکڪ ۽ صحافي مدد علي سنڌيءَ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي قديم تهذيب جي اهڃاڻ موهين جو دڙو ۾ ڪنهن به مذهب جو وجود نه هو، سنڌ جو وڏو الميو اهو آهي ته ان جي هزارن سالن جي تاريخ گم يا ساڙي وئي آهي، صرف هڪ هزار سال اڳ واري لکيل تاريخ چچ نامو موجود آهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار کي شاهه لطيف جي شاعريءَ بعد ٻين ملڪن ۽ ٻولين وارن شهرين کي سچل سرمست ۽ ساميء جو رواداري ۽ محبت جو پيغام پهچائڻ لاءِ انهن جي اردو ۽ انگريزي ترجمي جا رسالا ڇپائڻ گهرجن. دانشور ۽ ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته شاهه لطيف مزاحمتي شاعري ڪئي پر سچل ان کان وڌيڪ باغي هو، سنڌ ۾ 11 سو سال ٻڌ مت موجود هو، ان ڪري سنڌ جي سماج ۾ امن ۽ رواداريءَ موجود رهي آهي، سنڌ ۾ سمن ۽ سومرن جو دور مقامي حڪمرانن ڪري رواداريءَ جو دور هو، بعد ۾ سنڌ تي ارغونن، ترخانن ۽ ٻين وحشي حملا آورن جي ٻن سو سالن بعد شاهه لطيف، سچل ۽ سامي سنڌ جي تهذيب جي اندر موجود رواداريءَ کي ٻيهر زندھ رکيو ۽ حڪمرانن ۽ انتهاپسندي جي مزاحمت ڪندي ڪڌين رسمن خلاف بغاوت ڪري واجب القتل جي سزائن جو به مقابلو ڪيو. هن چيو ته شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جي جاءِ تي فارسيءَ کي سرڪاري زبان قرار ڏيڻ خلاف مزاحمتي شاعري ڪئي. ڪراچي کان ڪشمير تائين سنڌو درياءُ سان لاڳاپيل قديم سنڌو تهذيب کي سمجهڻ لاءِ انهن ٽنهي جي شاعريءَ کي پڙهڻ لازمي آهي، شاھ لطيف جي تصوف جو فڪر ٻاهران آيل نه پر سنڌ جو هو، جنهن ۾ فلسفو به موجود هو ۽ سچل وجود جي سوال وارو شاعر هو، ساميء جي شاعري ڀڳتي تحريڪ کان متاثر هئي. ليکڪ شير محمد مهراڻي چيو ته شاهه لطيف جي شاعريءَ جو 12 ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي، سچل، شاهه لطيف ۽ سامي پنهنجي دور جي روايتن ۽ چالو خيالن جا باغي شاعر هئا، جن تي ڪفر ۽ کين قتل ڪرڻ جون فتوائون به لڳيون، انهن جو دور سنڌ جو ڪٺن ۽ غلامي جو دور هو، سامي به انگريزن جي قبضي واري دور جو شاعر هو، انهن ٽنهي جو ڪردار سقراط جهڙو هو، ان موقعي تي سارنگ زين چانڊيو، نصرت سڪندر چانڊيو، سوڀيا سانگي، گل فرينا، ارم نديم، عبدالخالق جوڻيجو، اسحاق سومرو، مجيد منگي، غوث پيرزادو، رميش راجا ۽ ٻيا شاعر ۽ اديب وڏي تعداد ۾ موجود هئا.
پاڪستان ۾ ڊرامو يرغمال آهي، مارڪيٽنگ وارا ناٽڪ لکجن پيا
ڪراچي: ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪار نورالهدي شاهه ڪالهه شام جو ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي ويهڪ ”ننڍي اسڪرين جون وڏيون ڪاميابيون“ ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ وڏن وڏن ناولن تي ڪم نه ٿيو آهي، انهن تي ڪم ٿيڻ گهرجي. ڊرامو اڄڪلهه يرغمال ٿي ويو آهي. ٽي وي چئنلن تي اشتهارن جي تمام گهڻي گهڻائي ٿي وئي آهي ۽ اڄڪلهه مارڪيٽنگ وارا ڊراما لکرائي رهيا آهن. جيڪو هڪ خطرناڪ عمل آهي، اُن عمل خلاف ليکڪ ۽ هدايتڪار کي وڙهڻو پوندو.نديم بيگ چيو ته ڊرامو ٿيٽر کان سيل فون تائين پهچي چُڪو آهي. اداڪاره صبا حميد چيو ته اسان جيڪو به ڊرامن ۾ ڪم ڪندا آهيون اهو ڪردار جي گهرج مطابق ڪندا آهيون، عوام چوندي آهي ته اهو ڪردار اوهان نه ڪيو ها. سرمد کوسٽ چيو ته اڄڪلهه تمام گهڻا ڊراما ٺهي رهيا آهن پر ڊرامي جو مزاج تبديل ٿي ويو آهي. پهرئين وارو مزاج ناهي رهيو.
مشاعري ۾ امتياز دانش، زبيده رئيسي سميت سنڌي ۽ اردو شاعرن ڪويتائون ٻڌايون
ڪراچي: ڪي ايل ايف ۾ ڪالهه آخري ڏينهن تي شاعرن جي ويهڪ به منعقد ڪئي وئي جنهن جي صدارت شاعره امبرين حسيب امبر ڪئي، جڏهن ته شاعر امتياز دانش، امر پيرزادو، علي ذريون، عمير نجفي، زبيده رئيسي، صادق مري، نعيم سمير، سبيلا انعام ۽ عبدالرحمان مومن شاعري پڙهي ٻُڌائي داد حاصل ڪيو.