سوشل ميڊيا پوسٽس کي ” لائيڪ “ ڪرڻ سان ڇا ٿئي ٿو؟ نئين تحقيق ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ سوشل ميڊيا رڳو تفريح جو ذريعو نه رهيو پر انفرادي، سماجي، ڪاروباري ۽ سياسي سطح تي به ان جا اثر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.
آمريڪا ۾ سوشل ميڊيا خاص طور تي انسٽاگرام، ماڻهن جي ذاتي ۽ سماجي زندگي تي ڪيئن اثرانداز ٿي رهيو آهي، ان تي ٻن پاڪستاني،آمريڪي پروفيسرن ڊاڪٽر رئوف عارف ۽ ڊاڪٽر محمد اتفاق، هڪ گڏيل تحقيق ڪئي آهي.
ھن تحقيق کي آمريڪا جي هڪ معتبر سائنسي رسالي ”دي جرنل آف سوشل ميڊيا ان سوسائٽي“ ۾ شايع ڪيو ويو، جيڪا سوشل ميڊيا جي اثرن بابت هڪ اهم مطالعي طور ڏٺي وڃي ٿي.
تحقيق لاءِ انسٽاگرام جي چونڊ ڪئي وئي، ڇو ته فيس بڪ جي ڀيٽ ۾ ان تي اهڙو تفصيلي مطالعو گهٽ ڪيو ويو هو.
تحقيق جا اهم نڪتا
انسٽاگرام تي ردعمل جو مطلب
تحقيق موجب، انسٽاگرام تي ڪنهن پوسٽ کي ”لائيڪ“ ڪرڻ رڳو هڪ پسند يا ناپسند جو اظهار ناهي، پر ان جون مختلف سماجي معنائون پڻ آهن، ماڻهو ذاتي لاڳاپا ٺاهڻ، جذباتي لڳاءُ ظاهر ڪرڻ يا ڪاروباري مقصدن لاءِ به اهڙا ردعمل ڏين ٿا.

سوشل ميڊيا ۽ لاڳاپا
ڊاڪٽر رئوف عارف ٻڌايو ته انسٽاگرام تي ردعمل ڏيڻ عام طور تي گڏيل حمايت، ذاتي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ يا ڪاروباري حڪمت عملي جو حصو هوندو آهي.
اهو پڻ ڏٺو ويو ته جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن سان لاڳاپو ختم ڪرڻ چاهي ٿو ته هو ان جي پوسٽن تي ردعمل ڏيڻ گهٽائي يا بند ڪري ڇڏيندو آهي.
سوشل ميڊيا جو سياسي استعمال
آمريڪا ۾ انسٽاگرام کي سياسي مقصدن لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو. خاص طور تي ريپبلڪن پارٽي ان کي تمام اثرائتي نموني استعمال ڪيو آهي.

والدين ۽ ٻارن وچ ۾ خال ختم ڪرڻ
تحقيق ۾ اهو به ڏسڻ ۾ آيو ته ڪيترن ئي آمريڪي والدين پنهنجن ٻارن سان رابطي لاءِ انسٽاگرام جو سهارو ورتو، ڇو ته نوجوان نسل هاڻ فيس بڪ بدران انسٽاگرام کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو.

سوشل ميڊيا جا ناڪاري اثر
ڊاڪٽر محمد اتفاق ٻڌايو ته انسٽاگرام تي امير ماڻهن طرفان مهانگي شين يا عيش عشرت واري زندگي جون تصويرون عام ماڻهن ۾ احساس ڪمتري پيدا ڪري سگهن ٿيون، جنهن سبب ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿي سگهن ٿا.

اُڻت
ڊاڪٽر رئوف عارف جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز هاڻ عام زندگي تي تمام گهڻا اثر وجهي رهيا آهن. تحقيق مان پتو پيو آهي ته مستقبل ۾ سماجي لاڳاپا، ڪاروبار ۽ سياسي حڪمت عمليون به وڌيڪ حد تائين سوشل ميڊيا جي اثر هيٺ اچي وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.