اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اسيمبلي ميمبرن کي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين راجا خرم نواز جي صدارت هيٺ ٿيو، ڪميٽي ميمبر طارق فضل چوڌري چيو ته اسان جا ڪيترائي ايم اين ايز قبيلائي ضلعن مان آهن ۽ انهن کي حقيقت ٿريٽ آهن، هٿيارن جا لائسنس ڏيڻ بابت قدم کنيا وڃن.
ڪميٽي چيئرمين چيو ته گهٽ ۾ گهٽ ايم اين ايز کي ته قانوني طور هٿيار رکڻ جي اجازت ڏني وڃي، طارق فضل چوڌري چيو ته ٽيڪس پيئرز ۽ بزنس ڪميونٽي اسان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي.
هن چيو ته جيڪو شخص اربين رپيا ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، ان کي توهان ايتري به سهولت نٿا ڏئي سگهو؟ خواجا اظهار الحسن چيو ته ڪيترن ئي ايم اين ايز جو واسطو ڪراچي سان آهي، انهن جا به لائسنس ايڪسپائر ٿي ويا آهن.
ڪميٽي چيئرمين چيو ته لائسنس جي تجديد جي عمل ۾ به دير ٿي رهي آهي، جنهن تي گهرو وزارت جي اختيارين چيو ته جيڪڏهن ڪو 5 سالن کانپوءِ تجديد لاءِ ايندو ته ان کي ري نيو نه ڪيو ويندو، طارق فضل چوڌري چيو ته توهان ٻن سالن کانپوءِ ري نيو ناهيو ڪندا.
گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ايم اين ايز کي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ جي هدايت
You might also like