دادو(رپورٽ:غوث جھتيال)سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ لياقت علي خان جتوئي دادو پريس ڪلب آڏو پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ، سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ، پيڪا آرڊينس خلاف پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي منعقد ڪيل احتجاجي مظاهري ۾ پهچي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سردار عاشق حسين زنئور، اعجاز ملڪاڻي ، سڪندر کوکر، منصور پنهور ۽ ٻيا احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا صحافين سان ڳالهائيندي لياقت علي خان جتوئي چيو ته سنڌ جي نياڻي پريا ڪماري لاپتا آهي جنهن بابت پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلي رهي آهي پر سنڌ جي ڪرپٽ حڪمران ۽ ڪرپٽ پوليس کي ڪابه پرواھ نه آهي هن چيو ته سنڌ کي برباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍي پنجاب کي خوش ڪري پاڪستان جي آئين جي توهين ڪئي پئي وڃي.