سعودي ۾ فلسطيني رياست وارو بيان چڙ ڏياريندڙ آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان اسرائيلي وزيراعظم جي سعودي عرب ۾ فلسطيني رياست جي قيام بابت بيان جي مذمت ڪئي.  نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته اسرائيلي وزيراعظم جو بيان چڙ ڏياريندڙ، بيوقوفي ۽ ناقابل قبول آهي. پاڪستان فلسطيني عوام جي خود مختياري جي حق ۽ آزاد رياست جي جائز حق جي حمايت ڪري ٿو. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪري ٿو، ۽ فلسطيني ڪاز لاءِ سعودي عرب جي عزم کي غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ افسوسناڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.