سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو وڃي:قراردادون

ميرپورخاص(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي پنڌ مارچ جي قراردادن ۾ چيو ويو ته سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ڇوڙ ڪري تمر جا ٻيلا ۽ ڊيلٽا کي بچايو وڃي. 1991ع جي ٺاھ تي عمل ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي،6 ڪئنال ۽ گرين انيشيٽو منصوبا سنڌ دشمن آھن، انھن کي فوري طور رد ڪيو وڃي،سنڌ ۾ بي زمين ھارين ۽ ھارياڻين کي 50-50 ايڪڙ زمين ڏئي مفت زرعي ٻج ۽ ڀاڻ ڏنو وڃي،چشمه جھلم لنڪ ڪئنال،تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال سميت سمورا ڌاڙيل واھ بند ڪري سنڌو درياھ مان پاڻي چوري بند ڪئي وڃي، پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار اغوا انڊسٽري ۽ قبائلي جرڳن کي هٿي ڏئي سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ضلعن کي ڌاڙيل اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي،ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري لٽيل پئسو واپس ڪيو وڃي.پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي فوري طور بازياب ڪرائي، اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن ۽ انهن جي سرپرست سرڪاري سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.