سنڌ مان چونڊيل نمائندا قومي اجتماعي مسئلن تي خاموش تماشائي بڻيل آهن:قادر مگسي

مٽياري/هالا( رپورٽ:ضمير خاصخيلي+عاقل ابڙو)سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف سجاڳي مھم جي سلسلي ۾ ايس ٽي پي پاران مٽياري ۾ طاقت جو مظاھرو ڪيو ويو مٽياري شھر ۾ ٿيل جلسي کي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته  اسان سنڌي پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄ تائين جمھوريت جي بحالي جي جدوجھد جي سزا ڀوڳي رھيا آھيون حڪمرانن ھميشه سنڌ جي بربادي جا منصوبا جوڙيا آھن،هن چيو ته ڪڏھن ڪراچي جا ٻيٽ کپائڻ جا منصوبا ڪڏھن ڪارنجھر جي نيلامي جا فيصلا ڪڏھن ڪالاباغ ڊيم جا منصوبا منظور ڪري سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ جون ڪوششون جاري آھن هن چيو ته سنڌ صرف چند جاگيردارن ۽ وڏيرن جي نه پر 6 ڪروڙ غيرتمند سنڌين جو وطن جن جي جياپي جو سھارو سنڌو درياهه آھي جيڪڏھن سنڌو تي ڌاڙو لڳو ته سنڌ تباھ برباد ٿي  ويندي، هن چيو سنڌ مان چونڊيل نمائندا سنڌ جي قومي اجتماعي مسئلن ۽ ناانصافين تي خاموش تماشائي بڻيل آهن کين اهو نه وسارڻ گهرجي ته کين وري واپس عوام  ۾موٽڻو آهي،جلسي ۾ ھوت خان گاڏھي،نثار ڪيريو،گلزار سومرو،ڊاڪٽر سومار مڱريو،ڄام شوڪت ابڙو،محمد علي ابڙو،سيد گنبل شاھ پڻ خطاب ڪيو، عبدالفتاح ڳاھوٽي سميت مقامي اڳواڻ قربان ارباب،عبدالحڪيم نوحپوٽو، حاجي موسا لڙڪو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا،هوڏانهن ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ اسان جي ماءُ سنڌوءَ ۾ اسان جو ساھ جي مھم ھيٺ ھالا پھتو. ھن عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا پڙھيل لکيل نوجوان بيروزگاريءَ سبب خودڪشيون ڪري رھيا آھن ۽ عورتون پني رھيون آھن جڏھن ته بدامني عروج تي آھي ڪوبه ماڻھو محفوظ ناھي. چورن لوفرن کي بااثر ماڻھن جي پشت پناهي حاصل آھي،ھن چيو ته سنڌو درياءَ تي سڄي سنڌ جو جياپو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.