چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ اهم اتحادي پارٽي قاضي فائز جي حامي

اسلام آباد (ع آ نيوز) چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي لاءِ اهم حڪومتي اتحادي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فيض جو حامي بڻجي ويو آهي، پر اڳوڻي ججن ناصر الملڪ ۽ تصدق جيلاني جي نالن تي به غور ڪيو پيو وڃي. تفصيل موجب چيف  اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري تي حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ مشاورت شروع ٿي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت سي اي سي ۽ ميمبرن لاءِ اڳوڻي ججن يا ڪامورن جي نالن تي غور ڪري رهي آهي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ۾ اڳوڻي ججن ناصر الملڪ ۽ تصدق جيلاني جي نالن تي به غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ ن ليگ صدر زرداري ۽ اتحادين سان مشاورت ڪندي.

نوٽ: هي خبر ، روزاني عوامي آواز، سومر 10 فيبروري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.