اسلام آباد(شهزاد اقبال+فخر دراني)آءِ ايم ايف جائزه مشن کان پهرين ڪرپشن ۽ ٻين قانوني معاملن جي جائزي لاءِ هڪ ٻيو مشن پاڪستان موڪلي ڇڏيو آهي،اهو مشن ججن جي مقرري ۽ عدليه جي آزادي جو جائزو وٺڻ ۾ مصروف آهي،اهو مشن قانون جي حڪمراني،ڪرپشن جي خاتمي،گورننس ۽ مني لانڊرنگ سميت ٻين معاملن جو به جائزو وٺندو،ذريعن مطابق مشن 6 فيبروري تي پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ 14 فيبروري تائين پنهنجو ڪم مڪمل ڪندو،مشن ايندڙ هفتي جڊيشل ڪميشن سان اجلاس ڪندو جنهن ۾ ججن جي مقرري جي طريقيڪار تي ڳالهيون ٿينديون،7 ارب ڊالر قرض معاهدي تحت پاڪستان گورننس جي مڪمل رپورٽ شايع ڪرڻ جو پابند آهي،مشن ملڪ اندر مني لانڊرنگ، قانون جي حڪمراني ۽ ڪرپشن جي خاتمي تي فوڪس ڪندو،ان ۾ ڪي خاميون نظر آيون ته پاڪستان لاءِ مالي طور ڏکيائي ٿي سگهي ٿي،ناڻي واري وزارت چيو ته مشن رياست جي 6 شعبن ۾ ڪرپشن ڪمزورين جو جائزو وٺندو،انهن ۾ مالياتي گورننس،سينٽرل بئنڪ گورننس اينڊ آپريشنز،فسڪل سيڪٽر نگراني،مارڪيٽ ريگيوليشن،قانون جي حڪمراني به شامل آهي،ترجمان چيو ته آءِ ايم ايف جي رهنمائي سان بهتر حڪمراني،شفافيت ۽ احتساب کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي،آءِ ايم ايف جي 10 تجزياتي رپورٽن تي ڪم جاري آهي،ڪيترن تي غور ٿي رهيو آهي،ٻئي پاسي آءِ ايم ايف جي جائزه مشن تي پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته عمران خان جو دٻاءُ ڪم ڪري ويو آهي،آمريڪا سڌو سنئون نه پر آءِ ايم ايف جي ذريعي عدليه کي سڌو ڪند.