26هين ترميم کي پارليامينٽ يا سپريم ڪورٽ جو فيصلو ئي ختم ڪري سگهي ٿو: جسٽس محمد علي مظهر

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ججن جي اختيارن بابت نوٽ ۾ لکيو ته 26هين ترميم آئين جو حصو آهي، ان تي اکيون ۽ ڪن بند نٿا ڪري سگهون. بينچن جي اختيارن واري ڪيس ۾ جسٽس محمد علي مظهر آئيني بينچ جي فيصلي سان اتفاق ڪندي 20 صفحن تي ٻڌل نوٽ ۾ لکيو ته قانونن جي آئيني هجڻ يا نه هجڻ جو جائزو رڳو آئيني بينچ وٺي سگهي ٿي، ڪنهن ريگيولر بينچ وٽ آئيني تشريح جو اختيار ناهي، آئيني بينچ درست طور تي 2 رڪني بينچ جا حڪم ناما واپس ورتا.  هن نوٽ ۾ لکيو ته 26هين آئيني ترميم هن وقت آئين جو حصو آهي، ترميم ۾ سڀ ڪجهه کليل ڪتاب جيان واضح آهي، اسان هن ترميم تي اکيون ۽ ڪن بند  نٿا ڪري سگهون، اهو درست آهي ته ترميم چئلينج ٿي سگهي ٿي ۽ ڌرين کي نوٽيس به جاري ٿي چڪا آهن، پر ڪيس فل ڪورٽ ۾ موڪلڻ جي درخواست جو ميرٽ تي فيصلو ٿيندو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته  26هين ترميم کي پارليامينٽ يا سپريم ڪورٽ جو فيصلو ئي ختم ڪري سگهي ٿو، جيستائين ائين نٿو ٿي وڃي، معاملا هن ترميم تحت ئي هلندا. جج چيو ته آئيني تشريح گهٽ ۾ گهٽ پنج رڪني آئيني بينچ ئي ڪري سگهي ٿي، ڪنهن ريگيولر بينچ کي اهو نه ڪرڻ گهرجي جيڪو اختيار موجوده آئين ان کي نٿو ڏئي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر نوٽ ۾ لکيو ته ٽيڪس ڪيس ۾ بنيادي حڪم ناما واپس ٿي چڪا، بنيادي حڪم نامڪن کانپوءِ جي سموري ڪارروائي بي اثر آهي، آئيني بينچ منصور ۽ جسٽس عقيل عباسي جا حڪم ناما واپس ورتا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.