اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)قانون دان ۽ انساني حقن جي اڳواڻ حنا جيلاني چيو آهي ته 26هين ترميم هڪ غيرضروري قدم هو،اها انهن سببن جو ازالو نٿي ڪري جن جو جواز ڄاڻائي اها آندي وئي،مان اصولي طور آئيني بئنچ ۽ آئيني عدالت جي خلاف ناهيان،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته 26هين ترميم ڪنهن به طريقي سان عدليه جي آزادي تي قدغن نٿي لڳائي پر جهڙي طريقي سان قدم کنيا ويا آهن انهن مان لڳي رهيو آهي ته عدالتن جي فيصلن تي اثرانداز ٿجي،ججن جي مقرري ۽ بئنچن جي تشڪيل مشڪوڪ لڳي رهي آهي،هن چيو ته چيف جسٽس جي ذميواري آهي ته اهو پنهنجي ججن جو تحفظ ڪري،گهڻن ملڪن ۾ ججن جي مقرري ۾ پارليامينٽ جو ڪردار هوندو آهي،جنهن اداري ۾ توهان سڌارا آڻي رهيا آهيو ضروري آهي ته ان جي ججن سان ڊگهي مشاورت به ڪريو،هن چيو ته عدليه،سياست ۽ معيشت ۾ فوجي غلبو اڃا به جاري آهي،انهن پاڪستان جي سيڪيورٽي کي پاڻ داءُ تي لڳايو آهي،پي ٽي آءِ سميت ٻين پارٽين به ايترو نقصان ناهي پهچايو،هن چيو ته ججن جا خط انتهائي اهم آهن،توهان هر ڳالهه ۾ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي ڳنڍي ان مسئلي کي نظرانداز ڪري رهيا آهيو،اهو مسئلو انهن جو ناهي، اهو مسئلو پاڪستان جي جمهوري ادارن سان واڳيل آهي،26هين ترميم تي پارليامينٽ ۽ جج پاڻ ۾ گڏجي ويهن ها ۽ ”هاٿي“کي پنهنجي حدن ۾ رکن ها،فوج کي پارليامينٽ کي آزادي ڏيڻ گهرجي،بلوچستان ۾ ماڻهو کنڀجي رهيا آهن،اتان جي هاءِ ڪورٽ کي اهو معاملو ڏسڻ گهرجي.