ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)ڪاليج ايجوڪيشن کاتي واري سيڪريٽري ٻن مهينن کان سالياني ترقياتي پروگرام جا روڪيل 1 ارب ڏھ ڪروڙن جا رليز آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته بند پيل 45 اسڪيمن تي ڪم ٻيهر شروع ٿي ويو آهي،ڪاليج ايجوڪيشن جي سيڪريٽري پاران ٻن مهينن کان روڪيل ڊي آر اوز بابت روزاني عوامي آواز جي خبر تي چيف سيڪريٽري سنڌ سختي سان نوٽيس ورتو، سرڪاري ذريعن موجب سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدرشاھ ڪاليج ايجوڪيشن جي سيڪريٽري آصف اڪرم کان سختي سان پڇاڻو ڪيو ۽ چيو ته جڏهن ناڻي کاتي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 45 ترقياتي اسڪيمن لاءِ 1 ارب 10 جاري ڪيا آهن ته اها رقم ڪهڙي قانون تحت روڪي ويئي آهي روزاني عوامي آواز جي تفصيلي خبر تي چيف سيڪريٽري سنڌ نوٽيس ورتو ۽ سيڪريٽري ڪاليجز کان پڇاڻو ڪيو جنهن بعد ڪميشن وڌائڻ جي چڪر ۾ هڪ سيڪشن آفيسر جي ملي ڀڳت سان ترقياتي اسڪيمن جي روڪيل بجيٽ جاري ڪئي ويئي آهي،ذريعن موجب 1 ارب 10 ڪروڙن جا رليز آرڊر جاري ڪندي اي جي سنڌ کي بنا دير جي رقم ڪيش ڪرڻ لاءِ لکيو ويو جنهن بعد ڪاليج ايجوڪيشن جي 45 اسڪيمن جنهن ۾ ڪاليجن جي مرمت،ايڊيشنل ڪلاس رومز جي تعميرات، نوان ڪاليجز تعمير ڪرڻ،هاسٽلون تعمير ڪرائڻ،هاڪي اسٽيڊيمز جي تعميرات سميت ٻين اسڪيمن تي ڪم شروع ٿي ويو آهي ذريعن اها دعويٰ ڪئي آهي ته تعليم واري وزير جي هدايتن کي نظر انداز ڪندڙ ڪاليج ايجوڪيشن واري سيڪريٽري روزاني عوامي آواز جي خبر بعد چيف سيڪريٽري جي نوٽيس بعد رليز آرڊر جاري ڪيا آهن
ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ هڪ سيڪشن آفيسر اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل
ڪراچي:ڪاليج ايجوڪيشن ۾ هڪ سيڪشن آفيسر ۽ سيڪريٽري ڪاليجز جي گڏيل صلاح سان بجيٽون روڪڻ سميت مختلف بهانن سان ڪاليجي استادن جي بدلين ۾ ۽ مقررين بابت مفاهمت ٿيل آهي ان هڪ ئي ايس او جي مرضي سان سيڪريٽري سموري شعبي جو ڪاروهنوار هلائي ٿو
سيڪريٽري پاران بجيٽ روڪڻ جي خبر ليڪ ٿيڻ تي پڇاڻو
ڪراچي: ڪاليج ايجوڪيشن واري سيڪريٽري آصف اڪرم روزاني عوامي آواز ۾ ترقياتي اسڪيمن جي بجيٽ جاري نه ڪرڻ جي خبر ڇپجڻ جو نوٽيس وٺندي سخت پڇاڻو ڪيو آهي،سرڪاري ذريعن وٽان روزاني عوامي آوز کي مليل معلومات موجب ڪاليج ايجوڪيشن واري سيڪريٽري ڊپارٽمينٽ ۾ پڇاڻو شروع ڪري ڇڏيو آهي ته 45 ترقياتي اسڪيمن واري بجيٽ روڪڻ جي خبر ڪيئن ليڪ ٿي ان حوالي سان هن مختلف سيڪشن آفيسرز سميت کاتي جي مختلف ماڻهن کان پڇاڻوڪيو آهي ته عوامي آواز وٽ تفصيل سان خبر ڪيئن پهتي عوامي آواز کي خبر ملڻ تي هن شديد ڪاوڙ جو اظهار جو اظهار ڪيو آهي