بيجنگ(م ڊ)چين پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن خلاف موثر ڪارروائي، فلسطين جي خودمختياري جي حق جي حمايت ۽ ڪشمير مسئلي جي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل تي زور ڏنو آهي.پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سيمينٽ جي پيداوار وڌائڻ، قابل تجديد توانائي ۽ ڪول گيسفڪيشن سميت اهم معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.منصوبي تي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، شرجيل ميمڻ ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا به شرڪت ڪئي.ان کان اڳ صدر آصف زرداري جي چيني وزيراعظم لي ڪيوانگ سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان-چين اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.