ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارڻ واري هاءِ پروفائيل ڪيس جي سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ٿي. ايف آءِ اي طرفان ڪيس جي حتمي چالان پيش نه ڪرڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، اڳوڻي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪري جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ايف آءِ اي کي چالان جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وئي. جوابدارن جي ضمانت بابت ٻڌڻي به 13 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي. وڪيل ٻڌايو ته اميد آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي حتمي چالان يش ڪيو ويندو ۽ ضمانتن بابت عدالت فيصلو ڪندي.