مٺي (رپورٽ:غازي بجير) سنڌياڻي تحريڪ ٿرپارڪر پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف مٺي ۾ ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن سميت ساڃھ وندن 6 نون ڪئنالن ۽ گرين انيشيٽو منصوبن کي رد ڪري انھن کي سمنڊ ۾ 20 ايڪڙ ملين فوٽ پاڻي ڇڏڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اي پي سي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين سنڌ جون نياڻيون جيئريون آهن، درياهه توڻي زمينن تي قبضا ٿيڻ نه ڏينديون. جي يو آءِ جي اڳواڻ عزيز ساند خطاب ڪندي چيو ته اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان سنڌي ماڻهن کي پنهنجي حق حڪمراني کان پري رکي انهن کي ديوار سان لڳايو وڃي. سماجي اڳواڻ ماما وشن ٿري خطاب ڪندي چيو ته گرين پاڪستان جو منصوبو سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي سازش آهي. پيپلزپارٽي سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي چوٿون اقتدار خريد ڪيو آھي. ٿر سماج سٿ جي اڳواڻ ارشاد ڪنڀر خطاب ڪندي چيو ته گرين پاڪستان سنڌ جي زمينن جي نيلامي جو پروانو آهي. اي پي سي کي ايڊووڪيٽ شاھنواز ھنڱورجو, ريشما گوپانگ، ايس ٽي پي اڳواڻ گھنشام مالھي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ سبحان سميجو زاھد گل اوٺو، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عارف شاھ ، حاجي محمد نھڙي، شيعا علما ڪائونسل جي گل حسن بجير، ايس يو پي جي اڳواڻ شاھد رند ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.