بلوچستان جي ضلعي ڪيچ مان 7 نوجوان کنڀجي ويا

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ مان 7 نوجوان لاپتا ٿي ويا. ٻن خاندانن سان واسطو رکندڙ نوجوانن جي مائٽن الزام هنيو ته کين جبري لاپتا ڪيو ويو. شاگرد ڪامل شريف جي پيءُ محمد شريف موجب هو احسان سروس سان گڏ ويو هو بازار ويو هو. پتو پيو ته کيس مبينا طور سڪيورٽي اهلڪار کڻي ويا. پوليس ايف آءِ آر داخل ناهي ڪئي. اختيارين وٽ دانهيو آهي،باقي پنج نوجواانن کي ترپت شهر ويجهو کنڀيو ويو جن ۾ 18 سالن جو روشن علي،14 سالن جو سندس ڀاءُ راحيل علي،ٻه سئوٽ 14 سالن جو نعيم ۽ 16 سالن جو آدم بلوچ ۽ نعمان رفيق شامل آهن،وارثن پاران پوليس کي اطلاعي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي. پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.