ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديشي جي عوام چڙهائي ڪندي شيخ مجيب جي يادگار ۽ هٽايل وزيراعظم شيخ حسينه جي تاريخي رهائشگاهه ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ باهه ڏئي ڇڏي.شيخ حسينه جي آن لائن تقريرن کانپوءِ مڇريل ماڻهن پاران شيخ مجيب الرحمان جي دهانمنڊي 32 ۾ واقع رهائشگاهه طرف بلڊوز آندو ويو، رات جو مظاهرين هڪ ريلي جي شڪل ۾ شيخ مجيب جي رهائشگاهه پهتا عوام گيٽ ٽوڙيندي زبردستي اندر داخل ٿي وئي. مظاهرين رهائشگاهه ۾ موجود شيخ مجيب الرحمان جي تصويرن کي به باهه ڏئي ڇڏي.مظاهرين انهي موقعي تي چيو ته شيخ مجيب الرحمان جو خاندان آمريت ۽ فسطانيت جي نشاني آهي. مظاهرين طرفان شيخ حسينه واجد کي واپس آڻي ڦاهي ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. مڇريل ماڻهن شيخ حسينه واجد جي رهائش گاهه سڌاسدان جو گهر به ڊاٿو ويو،کلنا،چٽاگانگ،رنگ پور سميت ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن تي عوامي ليگ جي اڳواڻن جي گهرن ۽ شيخ مجيب جي مجسمن جي ڀڃ ڊاهه ڪئي،شيخ حسينه جي چاچي جو گهر به ڊاٿو ويو،شيخ حسينه ردعمل ۾ چيو ته اهي(مخالف) ڪجهه بلڊوزرن سان ملڪ جي آزادي کي تباهه ڪرڻ جي طاقت نٿا رکن،اهي عمارت ته ڪيرائي سگهن ٿا پر تاريخ نٿا مٽائي سگهن