ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪشميري عوام سان ”يڪجهتي جو ڏهاڙو“ ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. صوبائي ترجمان جي پڌرائي موجب ڪراچي کان ڪشمور تائين ننڍن وڏن شهرن دادو، لاڙڪاڻو، سکر، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، خيرپور، نوشهروفيروز، ٽنڊوآدم، حيدرآباد، ڪراچي، بدين، ٽنڊومحمد خان، ٺٽو، ميرپورخاص، ڄامشورو، قمبر، شاهپور چاڪر، مٽياري،سانگهڙ، شڪارپور، ٽنڊو محمد خان، سامارو، ۽ گهوٽڪي سميت مختلف شهرن ۾ ريليون، سيمينار ۽ جلسا منعقد ڪيا ويا جن کي جماعت اسلامي جي مرڪزي، صوبائي ۽ ضلعي اڳواڻن کان علاوه مختلف سياسي، مذهبي ۽ سماجي توڙي سول سوسائٽي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ۽ 2009ڏينهن کان ڪرفيو لڳائي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۽ جهنم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڳواڻن زور ڏنو ته گڏيل قومن جي منظور ڪيل قراردادن موجب ڪشميري عوام کي آزادي جو حق ۽ جنت نظير ڪشمير تان ڀارتي فوجي قبضي کي ختم ڪرايو وڃي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ پريس ڪلب دادو ۾ رٿيل يڪجهتي ڪشمير ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جا بزدل حڪمران سالن کان ڀارت کي ڳالهين لاءِ منٿ ميڙ ڪرڻ ۾ پورا آهن ۽ ڀارت لاڳيتو هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪيو آهي، ڀارتي قيادت جي رويي ثابت ڪيو آهي ته سندن اڳيان ڳالهين جو ڪوبه جواز ناهي. مودي بابري مسجد شهيد ۽ رام مندر جوڙي ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ انگ قرار ڏئي ٻه وعدا پورا ڪيا آهن ۽ هاڻي آزاد ڪشمير مٿان حملي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسان جا حڪمران قوم سان ڪيل ڪوبه واعدو پورو ناهن ڪري سگهيا.