ڏوهه هاڻي گهٽجي ويا آهن:آءِ جي سنڌ جي دعويٰ

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو (نمائندا)آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته تمام جلد گهوٽڪي پوليس کي جديد هٿيار فراهم ڪيا ويندا اگر ڪو ڏوهاري پيش ٿيڻ چاهي ته ساڻس رعايت ٿيندي، جيڪو ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث هوندو ان کي پوليس ڀرپور جواب ڏيندي، سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي ۾ مختلف ڏوهاري گينگ ڪم ڪن پيا، ڏوھ هاڻ گهٽجي ويا آهن گهڻا ڏوهاري ماريا ويا آهن سنڌ سرڪار پوليس جي ڀرپور سپورٽ ڪري رهي آهي اهڙو اظهار هن  ميرپورماٿيلو ۾ امن امان جي حوالي سان ٿيل اجلاس دوران ڪيو اجلاس ۾ ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ، ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو سميت ضلعي جي تمام ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز ۽ ٻين پوليس اهلڪارن شرڪت ڪئي هوڏانهن صحافين سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته  شهيد صحافين جان محمد مهر، نصرالله گڏاڻي، ۽ بچل گهنڃو جي قاتلن جي گرفتاري اسان لاءِ چئلينج بڻيل آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.