چيمپيئنز ٽرافي ۾ هڙئي ٽيمون مضبوط آهن، بمرا جي ڳڻتي ڀارت کي ڪرڻ گهرجي: عاقب جاويد

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي عارضي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد چيمپيئنز ٽرافي جي اسڪواڊ ۾ فهيم اشرف ۽ خوشدل شاهه کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عاقب جاويد جو چوڻ هوته چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ ٽه ملڪي سيريز مددگار ثابت ٿيندي، سينٽر پِچ تي بيٽنگ جو موقعو ملڻ سان ميچ سيناريو جو وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي.
هن چيو ته نيٽس جي ڀيٽ ۾ ميچ سيناريو سان رانديگرن کي وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي، آسٽريليا ۾ سيزن جي شروعات هئي ۽ پچون ڏکيون هيون.
سندس چوڻ هو ته سفيان مقيم رڳو هڪ ون ڊي ميچ کيڏي آهي، ابرار احمد جي هوندي پليئنگ اليون ۾ ٻه اسپنر کيڏائڻ ممڪن ناهي.
هن چيو ته اسان کي فائدو آهي ته اسان پنهنجي سرزمين تي کيڏي رهيا آهيون، جيڪڏهن ڪا به انجري ٿي ته اسڪواڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي، جڏهن ته ٽاپ ست بيٽرز ۾ اسپنر جو آپشن پڻ موجود هوندو آهي.
عاقب جاويد جو چوڻ هو ته ٽورنامينٽ لاءِ ساڳي ئي ٽيم هوندي، فهيم اشرف کي انڪري شامل ڪيو ويو آهي جو هو تيز بالنگ سان گڏ بيٽنگ به ڪندو آهي، آل رائونڊر طور هو بهترين آپشن هو.
هن چيو ته ڪرڪيٽ ڏاڍي تيز ٿي وئي آهي، ٽي ٽوئنٽي ۾ ٻه سئو رنسون سولائي سان ٺهن ٿيون، ون ڊي ۾ به ٽي سئو رنسون ٺهي وينديون آهن ۽ ٺهڻ به گهرجن.
سندس چوڻ هو ته عامر جمال کي ون ڊي ڪرڪيٽ جو تجربو ناهي، خوشدل شاهه بابت آسٽريليا جي دوري کان اڳ به ڳالهايو هو، گهرو ڪنڊيشنز ۾ هو سٺو کيڏندو آهي، صائم ايوب جي غير موجودگيءَ ۾ خوشدل شاهه تي غور ڪرڻو پيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ عاقب جاويد چيو ته جسپريت بمرا جي ڳڻتي ڀارتي ٽيم کي هئڻ گهرجي، هو پنهنجي ٽيم جو اهم بالر آهي، چيمپيئنز ٽرافي جي خوبصورتي اِها ئي آهي ته هر ٽيم برابر هوندي آهي، هر ماڻهو کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.