اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشميرين جو سڀ کان وڏو هٿيار شهيدن جو رت آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مشعال ملڪ چيو ته شهيدن جي قرباني اسان کي توانائي ڏيندي آهي ته حق ۽ سچ لاءِ بيٺا رهون، ڪشميري ڊڄڻا نه مضبوط آهن، ڪڏهن نه جهڪندا.
هن چيو ته ڀارت جو دهشتگردي جو نيٽ ورڪ سڄي دنيا ۾ پکڙجي چڪو آهي، ڀارت حريت اڳواڻن کي قتل ڪرائي رهيو آهي، دنيا ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي.
You might also like