اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)اوٻاوڙو ۾ ھڪ مھينو اڳ ڪمون شھيد وٽان اغوا ٿيل مغوي گل بھار چاچڙ ڏوھارين جي قيد مان آزاد پوليس پاران ڏوھارين سان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آھي ايس ايس پي گھوٽڪي جي پريس ترجمان پريس رليز ۾ ڄاڻايو آھي ته کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڪراس بند چوڪي ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ ڏوھاري مغوي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رھيا ھئا ته خفيا اطلاع تي ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو جي اڳواڻي ۾ پوليس ايس ايڇ او اوٻاوڙو رمضان ملاح ايس ايڇ او کنبڙا پوليس نفري ساڻ ڪري مليل اطلاع واري ھنڌ پھتا جتي ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو ھوڏانھن ايس ايس پي سميع الله سومرو پوليس ٽيم کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو