فٽبال جي تاريخ ۾ پاڻ کان عظيم ڪنهن کي نٿو ڀانيان: رونالڊو

پرتگال جي ليجنڊري فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو چيو آهي ته هو سمجهي ٿو ته هو ئي تاريخ جو مڪمل فٽبالر آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي، ڪرسٽيانو رونالڊو چيو ته ”ماڻهو ليونل ميسي، ميراڊونا يا پيلي کي پسند ڪن ٿا، مان سندن احترام ڪيان ٿو، پر مان سڀ کان مڪمل آهيان.“
هن چيو ته مان فٽبال جي تاريخ جو بهترين رانديگر آهيان، مان فٽبال جي تاريخ ۾ پاڻ کان وڌيڪ بهتر ڪنهن کي نٿو ڀانيان.
انٽرويو دوران ڪرسٽيانو رونالڊو اِهو به انڪشاف ڪيو ته سندس ۽ ميسي جي وچ ۾ پندرنهن ورهين دوران ڪڏهن به خراب لاڳاپا نه رهيا.
رونالڊو چيو ته هن ڪڏهن به ميسي سان بڇڙو ورتاءُ ناهي ڪيو، ان عرصي دوران اسان ڪيئي اعزاز حاصل ڪيا، پر سدائين سٺي طريقي سان ڪم ڪيو.
اسٽار فٽبالر چيو ته مون کي ياد آهي ته مان ڪڏهن ميسي لاءِ انگريزي ترجمو ڪندو هئس ۽ اِها انتهائي کِل جوڳي ڳالهه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ميسي پنهنجي ڪلب ۽ قومي ٽيم جو دفاع ڪيو ۽ مان پنهنجي ڪلب ۽ ٽيم لاءِ ميدان تي موجود رهيس.
هڪ سوال جي جواب ۾ رونالڊو چيو ته فٽبال جي ميدان ۾ پاڻ کان وڌيڪ ڪنهن به بهتر نٿو ڀانيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.