عظميٰ بخاري ڪوڙ نه ڳالهائي نه ته مٿس پيڪا ايڪٽ لاڳو ٿي سگهي ٿو: سنڌ حڪومت جي ترجمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته پنجاب جي اطلاعات واري وزير ڪوڙ نه ڳالهائي نه ته مٿس پيڪا ايڪٽ لاڳو ٿي سگهي ٿو.
عظميٰ بخاري جي بيان تي ردعمل ڏيندي سعديه جاويد چيو ته عوامي منصوبن تي ڪوڙين تختين ۽ دعوائن تي به پيڪا ايڪٽ لڳي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ سڀ وڏا منصوبا پ پ جي ڪري آهن.
هن چيو ته ملڪ کي ڀٽو ايٽمي طاقت بڻايو، ڪريڊٽ ن ليگ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، بينظير ڀٽو توانائي بحران مان نڪرڻ لاءِ ٿرڪول منصوبو شروع ڪيو، ن ليگ ٿرڪول منصوبي تي به هٿ صاف ڪرڻ ۽ پنهنجو ليبل لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي.
سندس چوڻ هو ته صدر آصف زرداري ملڪي ترقي جو ضامن سي پيڪ منصوبو ڏنو، ن ليگ سي پيڪ تي به ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهي، گوادر پورٽ، ڪي پي کي سڃاڻپ سميت اهم ڪارناما پ پ انجام ڏنا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.