اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سمارٽ واچز، فٽنيس ٽريڪرز ۽ ٻين پائڻ وارين سمارٽ ڊوائسز کي سائبر سيڪيورٽي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو.
نيشنل ٽيلي ڪام اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي سيڪيورٽي بورڊ هڪ ايڊوائزري جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا ڊويزن حساس جاين تي اهڙين ڊوائسز جي استعمال تي پابندي جي سفارش ڪئي آهي.
ذريعن موجب سائبر سيڪيورٽي ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته پائڻ واريون سمارٽ ڊوائسز سيڪيورٽي رسڪ آهن، اهي ڳجهي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن، حساس جاين تي انهن جو استعمال سائبر حملن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ايڊوائزري موجب اهي ڊوائيسز ڊيٽا ليڪ ۽ غير مجاز ٽريڪنگ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، حساس جاين تي استعمال کان اڳ انهن ڊوائسز جي تصديقي مڪينزم جو جائزو ورتو وڃي، حساس اجلاسن، آپريشنز وارن هنڌن تي انهن ڊوائسز جي استعمال تي پابندي هنئي وڃي.
Prev Post
You might also like