مشهور باربي شو اداڪارا لاڏاڻو ڪري وئي

تائيوان( ويب ڊيسڪ) تائيوان سان تعلق رکندڙ اداڪارا باربي شو 48 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، باربي شو جپان ۾ موڪلون ملهائڻ دوران فلو ٿيو جنهن کانپوءِ هوءَ نمونيا ۾ مبتلا ٿي ويئي هئي.
اداڪارا جي ڀيڻ موجب، هوءَ ويجهڙائي واري عرصي دوران مختلف بيمارين سان جهيڙي رهي هئي.
ميڊيا رپورٽس موجب، باربي شو مڙس کان طلاق وٺڻ کانپوءِ 2022ع ۾ شوبز انڊسٽري کان پري ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.