لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ دبئي ۾ شيڊيول آهي، ميگا ايونٽ جي مها مقابلي جي ٽڪيٽن وڪرو جو نئون رڪارڊ جوڙي ورتو آهي.
پاڪ ڀارت ميچ دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ هلندڙ مهيني 23 فيبروري تي کيڏي ويندي جنهن جون ٽڪيٽس 45.6 ملين درهم ( ٽي ارب چاليهه ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ) ۾ وڪرو ٿيون.
چيمپيئنز ٽرافي جي ٻين ميچن جون ٽڪيٽون به رڪارڊ قميت ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن ۽ دبئي ۾ سمورين ميچن جون ٽڪيٽون 88 ڏهائي 55 مليم درهم ۾ وڪرو ٿي چڪيون آهن.
پاڪ ڀارت ميچ جي ٽڪيٽن جي قيمت پنج سئو درهم کان ساڍا ٻارنهن هزار درهم تائين هئي، دبئي اسٽيڊيم ۾ پنجويهه هزار تماشائين جي ويهڻ جي گنجائش آهي.
چيمپيئنز ٽرافي مها مقابلي جون ٽڪيٽون گهڻن ۾ وڪرو ٿيون؟ ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون اچي ويا
You might also like